عطا محمد زوار

عطا محمد زوار: مشهور اداڪار ۽ شاعر زوار عطا محمد جو جنم 26 جنوري 1929ع تي آبڙي، تعلقي قنبر شهدادڪوٽ ۾ ٿيو. هيءُ بنيادي طور شاعر هو. پر اڳتي هلي فلمن طرف لاڙو ٿيس. هن سنڌي، اردو ڊرامن توڙي فلمن ۾ اداڪاري ڪري پاڻ مڃايو. هن نامور اداڪار ساقيءَ سان گڏ اردو فلم ۾ به رول ادا ڪيو. پي. ٽي. وي تان نشر ٿيل ڊرامي ‘سون ورنيون دليون ’ ۾ مرڪزي ڪردار نڀايائين، ان کان سواءِ هن گلن جهڙا ٻارڙا، اردو فلم آپ سي ڪيا پرده، اداڪار سڌير سان گڏ اردو فلم ‘دنگل’ ۾ ڀرپور نموني ڪردار نڀايائين. عطا محمد پنهنجي نالي سان ‘زوار’ تخلص استعمال ڪندو هو. عطا محمد شروع ۾ سونارڪو ڌنڌو ڪندو هو. سندس ناليوارن اداڪارن: لطيف منو، اسلم پرويز، فاضلاڻي صاحب وغيره سان دوستاڻا تعلقات هئا. جيڪي وٽس لاڙڪاڻي به ايندا هئا. عطا محمد ڳوٺ مان لڏي اچي قافله سراءِ لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير ٿيو. عطا محمد لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪيو. هن 7 مارچ 1997ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.01.26  عيسوي

مشهور اداڪار ۽ شاعر زوار عطا محمد جو جنم 26 جنوري 1929ع تي آبڙي، تعلقي قنبر شهدادڪوٽ ۾ ٿيو.


1997.03.07  عيسوي

عطا محمد زوار 7 مارچ 1997ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي ڏنو جروار
امام علي بيگ ميرزا علي
خدابخش ’ناشاد‘
حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي
ساڌو هيرانند
جي اي رحيم
فضل الله انڍڙ
درازي سخي قبول محمد ٽيون
پير ڪمال ڪمال فقير
صديق قمبراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون